اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ پاران پاليسي ريٽ ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ جو 12 سيڪڙو تي اچڻ ملڪي معيشت جي لاءِ خوش آئنده آهي. پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته گهٽ ناڻي واڌ جي شرح جي ڪري پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي آئي آهي. پراميد آهيان ته ايندڙ مهينن ۾ ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. وزيراعظم معيشت جي بحالي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي ڪوششن کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو.