اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر هن ريت جاري ڪيا آهن. جاري انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 14 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 هزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 12 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 12 هزار 400 ڪيوسڪ آھي، خيبر آباد پل تي پاڻي جي آمد 20 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 هزار 200 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 4 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 4 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 3 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1474.35 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 2.023 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1137.50 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.252 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 641.10 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.045 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.