گڏيل قومون – 27 جنوري (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته هو اوڀر جمهوريه ڪانگو (ڊي آر سي) ۾ قدرتي وسيلن جي غير قانوني استحصال جي تڪرار جي بنيادي سبب کي حل ڪري ۽ بحران جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کڻي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم خطي ۾ وڌندڙ تشدد ۽ فوتگين جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ چيو ته ان لاءِ وڌيڪ نگراني ۽ پتو لڳائڻ جي طريقي ڪار جي ضرورت آهي، جيڪي جمهوريه ڪانگو جي حڪومت ۽ علائقائي ۽ عالمي شراڪتدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪستاني نمائندي منير اڪرم خطاب ڪندي جمهوريه ڪانگو ۽ روانڊا کي فوري طور تي لوانڊا عمل تحت انگولا جي صدر لورينڪو جي ٽياڪڙي ۾ بحران جي حل لاءِ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جمهوريه ڪانگو جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي حمايت ڪري ٿو ۽ ان جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن به پرڏيهي دخل اندازي جو مطالبو ڪريون ٿا. هن مطالبو ڪيو ته ايم-23 جا باغي پنهنجي حملن کي فوري طور روڪن ۽ 31 جولاءِ 2024ع جي جنگ بندي جي معاهدي جي پاسداري ڪن. پاڪستاني نمائندي گڏيل قومن جي امن اهلڪارن جي همت کي ساراهيندي جمهوريه ڪانگو ۾ گڏيل قومن جي امن فوج تي زور ڏنو ته هو اوڀر جمهوريه ڪانگو ۾ گڏيل قومن جي شهرين ۽ گڏيل قومن ۽ ٻين امن جٿن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري قدم کڻي.