اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) نيويارڪ ٽريول اينڊ ايڊوينچر شو ۾ پاڪستان پويلين بيسٽ پارٽنر پويلين ايوارڊ حاصل ڪري ورتو. پاڪستان ٽوئرازم ڊويلپمينٽ ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر آفتاب راڻا چيو آهي ته نيويارڪ ۾ گذريل ڏينهن ٽريول اينڊ ايڊوينچر شو 2025ع جي شروعات ٿي جنهن ۾ پاڪستان پويلين ان ايونٽ ۾ بيسٽ پارٽنر پويلين ايوارڊ حاصل ڪري سڀني جو ڌيان حاصل ڪيو. دنيا جي سڀني کان وڏي سياحتي ميلن مان هڪ، ٽريول اينڊ ايڊوينچر شو، سياحتي تنظيمن کي عالمي تنظيمن سان ڳنڍڻ، سهڪار ڪرڻ ۽ پنهنجي منفرد رخ کي پيش ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو. هن ٻڌايو ته ٻن ڏينهن واري ايونٽ ۾ پاڪستان ٽوئرازم ڊويلپمينٽ ڪارپوريشن (پي ٽي ڊي سي) ۽ ٽريڊ ڊويلپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) نيويارڪ ۾ پاڪستان قونصليٽ جنرل جي سهڪار سان پاڪستان ٽوئرازم پويلين قائم ڪيو. ايوارڊ يافتا پاڪستان پويلين ۾ پاڪستان جي دلڪش سياحتي هنڌن، شاندار ثقافتي ورثي ۽ سياحت جي وسيع خدمتن کي پيش ڪيو ويو. پاڪستان پويلين ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ جبل چڙهڻ، ايڊوينچر ٽوئرازم ۽ سياحت ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.