اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پاڪ چين دوستي کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ غيرملڪي ميڊيا جي هڪ حصي پاران لڳايل هٿ ٺوڪي ۽ بي بنياد الزامن کي واضح طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان قياس آرائين تي ٻڌل بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ ون چائنا پاليسي جي بنيادي اصول جي حوالي سان پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ مستقل بنيادي نقطو آهي ۽ ان ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. ترجمان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين پاڪستان جو هر موسم جو اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي. هن چيو ته اهو رشتو گڏيل اعتماد، گڏيل قدرن، بنيادي ڳڻتي جي مسئلن تي تعاون ۽ علائقائي عالمي استحڪام جي عزم سان نمايان آهي.