اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ قانوني فريم ورڪ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فيڊرل پراسيڪيوشن ايڪٽ 2023ع تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته انساني اسمگلرن جي گرفتاري ۽ پراسيڪيوشن جي لاءِ گهربل لاڳاپيل عملي جو حصول تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جو پهريون اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم انساني اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ قانوني فريم ورڪ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته قانوني فريم ورڪ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ گهرو وزارت قانون ۽ انصاف واري وزارت سان تعاون ڪري. وزيراعظم فيڊرل پراسيڪيوشن ايڪٽ 2023ع تي عملدرآمد تيز ڪرڻ ۽ ايف آءِ اي کي ٻاهرئين ملڪ انساني اسمگلرن جي جلد کان جلد حوالگي جي لاءِ پرڏيهي آفيس کي انساني اسمگلرن جي خلاف جاچ ۾ جمع ڪيل معلومات فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته انساني اسمگلنگ جو مڪمل خاتمو سمورن ادارن جي گڏيل ڪوشش ۽ تعاون سان ئي ممڪن آهي. وزيراعظم انساني اسمگلنگ ۾ ملوث اشتهاري ڏوهارين جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪم ڏنو ته انساني اسمگلرن جي گرفتاري ۽ پراسيڪيوشن جي لاءِ گهربل افرادي قوت جو حصول تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته مراڪش ۾ پرڏيهين جي ٻيڙيءَ ٻڏڻ جي واقعي ۾ 27 انساني اسمگلرن جي سڃاڻپ ڪري 5 کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.