اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي جي پراڻي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪرڻ ۽ ريلوي جي زمين نجي شعبي جي تعاون سان ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ريلوي خطي ۾ خاص طور تي وچ ايشيائي ملڪن سان واپار وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اها هدايت پاڪستان ريلويز جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، محمد علي خان، محمد اورنگزيب خان، خواجه محمد آصف، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، سردار اويس لغاري ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ريلويز جي بحالي ۽ ترقي جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ريلوي جي زمين نجي شعبي جي تعاون سان ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ استعمال ڪئي وڃي، ريلويز خطي ۾ خاص طور تي وچ ايشيائي ملڪن سان واپار وڌائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي. هن چيو ته پاڪستان ريلويز کي چٽاڀيٽي وسيلي مسافرن کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ جي ضرورت آهي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي پاڪستان ريلويز ۾ مسافرن کي سفر جون بهتر خدمتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم پاڪستانريلويز ۾ پيشيواراڻي ۽ باصلاحيت افرادي قوت استعمال ڪرڻ، پاڪستان ريلويز جي پراڻي نظام کي موجوده دور جي گهرجن موجب جديد ٽيڪنالاجي سان تبديل ڪرڻ ۽ پاڪستان ريلويز ۾ مال برداري سان گڏ سفر جي خدمتن کي پڻ منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ پاڪستان ريلويز کي 10 ارب رپين جو نقصان ٿيو ۽ 35 ڏينهن تائين پٽڙيون پاڻي هيٺ رهيون، پاڪستان ريلويز 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ مختلف قدمن سان پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪئي ۽ مال برداري ۾ هيستائين شروعاتي لاڳت جي برابر منافعو ڪمايو آهي، ملڪ ۾ مال برداري جي مارڪيٽ ۾ پاڪستان ريلويز جو 8 سيڪڙو حصو آهي، پاڪستان ريلويز جي رائيٽ سائيزنگ جي عمل ۾ 18 سيڪڙو غيرضروري عملو فارغ ڪيو ويو آهي، پاڪستان ريلويز جي ٿر ڪول جي مواصلاتي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي.