اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو کي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي ڀاءُ اليگزينڊر لوڪا شينڪو کي صدارتي چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان ۽ بيلاروس جي مضبوط لاڳاپن جي لاءِ پنهنجي گڏيل ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين.