اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو کي ستون ڀيرو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اميد ظاهر ڪئي ته صدر لوڪا شينڪو جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. صدر بيلاروس جي صدر جي ڪاميابي ۽ عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.