اسلام آباد- 26 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر جي قافلي تي فائرنگ جي مذمت ڪندي حملي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ٿيل بيان ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري چوڌري لطيف اڪبر جي قافلي تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته چوڌري لطيف اڪبر تي حملو بزدلاڻو عمل آهي، صدر مملڪت حملي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.