اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملتان ۾ ايل پي جي بائوزر ڦاٽڻ جي واقعي ۾ جاني نقصان ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر واقعي ۾ 5 ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.