اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمهوريه آذربائيجان جي دفاعي صنعت واري وزير ووگر مصطفائيف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، توانائي، سيڙپڪاري ۽ دفاعي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. آذربائيجان جي دفاعي صنعت واري وزير پاڪستان ۾ سندس ۽ سندس وفد جي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزير ووگر مصطفائيف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جي اٺين اجلاس ۾ گڏيل صدارت جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي جيڪو 23 – 24 جنوري 2025ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو.