اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اڏام پاڪستان پروگرام تحت پوري ملڪ جي ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت ٺوس قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيس سمپوزيم کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اسپارڪو جو چيئرمين محمد يوسف خان، اڳوڻو چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر نديم، گهرو وزارت جو ڊي جي اي سي ڊي آءِ ايس سفير طاهر اندار بي، ڊائريڪٽر آءِ پي آر آءِ ڊاڪٽر راشد ولي جنجوعه ۽ نق ڪوڊ ٽيڪنالاجيز جو سي اي او ڊاڪٽر ميثم عباس موجود هئا.رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پنهنجي خطاب ۾ سائنس، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي جي اهميت تي زور ڀريو ۽ چيو ته پاڪستان خلائي تحقيق ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ ان شعبي ۾ وڌيڪ ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. قومي ترقي کي سڀ کان اهم ايجنڊا بڻائڻو پوندو ۽ ان لاءِ هر شعبي جو ڪردار اهم آهي. هن چيو ته جديد تحقيق ترقي جي راهه هموار ڪندي آهي ۽ ڊجيٽلائيزيشن کانسواءِ سائنسي ترقي ممڪن ناهي، پاڪستاني نوجوان جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي رهيا آهن ۽ انهن کي نون تصورن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته تحقيق جي شعبي ۾ بهتري آڻي عالمي رجحانن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو، جنهن لاءِ لائبريرين ۽ ليبارٽرين کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اڄ خلائي ٽيڪنالاجي جو واپاري بنيادن تي استعمال ٿي رهيو آهي، جيڪو موسمياتي تبديلي، وسيلن جي نگراني ۽ ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اڏام پاڪستان منصوبو پاڪستان جي پائيدار ترقي جي ويزن طور پيش ڪيو ويو آهي، جنهن سان اقتصادي ترقي جا نوان دروازا کلندا. مستقبل جي معيشت ٽيڪنالاجي ٻڌل هوندي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي. هن چيو ته حڪمت عملي ذريعي پاڪستان جو شمار دنيا جي 10 وڏين معيشتن ۾ ٿيندو. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ آبادي ۾ 60 سيڪڙو نوجوان آهن ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي ته اسان پاڻ کي دنيا ۾ ٿيل تبديلين موجب بدلايون. خلائي ترقي ملڪي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي ۽ ان شعبي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي سان پاڪستان عالمي سطح تي نمايان مقام حاصل ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير اسپارڪو جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته حڪومت ڊجيٽل پاڪستان جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ خلائي ٽيڪنالاجيز کي قومي حڪمت عملي جو حصو بڻائي رهي آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت ملڪ ۾ سائنسي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اڏام پاڪستان پروگرام تحت سمورن شعبن ۾ هڪجهڙي ترقي کي يقيني بڻائيندي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي انقلابي منصوبي اڏام پاڪستان ذريعي ملڪ ۾ اقتصادي ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. خلائي ٽيڪنالاجي ذريعي موسمياتي تبديلي، وسيلن جي نگراني ۽ ڊزاسٽرمينيجمينٽ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيوته اڄ خلائي ٽيڪنالاجي جو واپاري بنيادن تي استعمال ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان کي معاشي ترقي لاءِ ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. تقريب دوران جي آءِ ايس جي قومي مرڪز ۽ خلائي اپليڪيشنز اين سي جي ايس اي جو افتتاح به ڪيو ويو. جيڪو انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان قائم ڪيو ويو آهي. هي مرڪز تحقيقي دريافتن کي عملي طور تي لاڳو ڪرڻ ۽ پاڪستان کي علم تي ٻڌل معيشت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو. قومي خلائي سمپوزيم 2025ع خلائي سائنس ذريعي پاڪستان جي ترقياتي چئلينجز جي حل تي مفيد ڳالهين لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪيو. اجتماعي عزم، پائيدار ويزن ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان گڏ، پاڪستان عالمي خلائي ميدان ۾ هڪ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.