اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايوان صدر ۾ هڪ خصوصي تقريب دوران آصف بشير کي عوامي خدمتن جي شعبي ۾ سندس اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ ستاره امتياز عطا ڪيو. ان حوالي سان منعقد تقريب ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، سينيئر سول عملدارن، غيرملڪي سفيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. آصف بشير ڊي سي آفيس پشاور ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ حج مشن 2024ع ۾ بطور حج معاون خدمتون سرانجام ڏيندي هن حج دوران منيٰ ۾ ڪيترن ئي حاجين جي حياتي بچائي هئي. آصف بشير شديد گرمي جي ڪري بيهوش ٿيندڙ 26 حاجين کي اسپتال پهچايو هو. صدر آصف علي زرداري آصف بشير کي سندس اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ ستاره امتياز جي اعزاز سان نوازيو.