اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پيڪا ترميمي ايڪٽ کي صحافين جي تحفظ طرف اهم قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته پيڪا ايڪٽ ترميمي بل جو دائرو ڊيجيٽل ميڊيا تائين محدود آهي ان سان ورڪنگ جرنلسٽس متاثر نه ٿيندا، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا بابت قاعدا اڳ ۾ ئي موجود هئا، ڊيجيٽل ميڊيا جا قاعدا وقت جي ضرورت آهي، ڊيجيٽل ميڊيا تي صحافت جي نالي تي الزام بازي ۽ ڪوڙ ڦهلايو وڃي ٿو. پارليامينٽ هائوس جي پريس گيلري ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا بابت قاعدا ۽ ضابطا اڳ ۾ ئي موجود هئا، ڪائونسل آف ڪمپلينٽس موجود آهي، اليڪٽرانڪ ميڊيا پيمرا جي زمري ۾ اچي ٿي پر ڊيجيٽل ميڊيا تي ڪنهن جو ڪو قانون لاڳو نه هو ان لاءِ ڊيجيٽل ميڊيا بابت قاعدا وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا تي صحافت جي نالي تي الزام بازي ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪوڙ پکيڙيو وڃي ٿو، ڪو شخص ڪنهن کي واجب القتل قرار ڏي يا جيڪو مرضي ڪري، ان تي ڪنهن به قسم جو ڪو قانون لاڳو نه ٿيندو هو. هن چيو ته پيڪا ايڪٽ ترميمي بل ۾ سوشل ميڊيا جي تعريف وضع ڪئي وئي آهي، پيڪا ايڪٽ ترميمي بل جو دائرو ڊيجيٽل ميڊيا تائين محدود آهي، ان ۾ ڪٿي لکيل آهي ته هي بل ورڪنگ جرنلسٽس جي خلاف ٺهيو آهي يا اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي سختي ٿيندي؟ هن چيو ته پريس ڪلب يا ڪنهن صحافتي تنظيم جي ميمبرشپ کانسواءِ صحافت جي نالي تي ڊيجيٽل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهو ڪئميرا ڪڍي پنهنجا ويوز رڪارڊ ڪري وٺن ٿا ان جي لاءِ ڪو پليٽ فارم هوندو جنهن تي اهي جوابده هوندا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن اخبار جي صحافي جي رهتن جي ادائيگي ۾ دير ٿي آهي ته ان جي شڪايت آءِ ٽي اين اي ٻڌي ٿو پر ڊيجيٽل ميڊيا تي ڪير ڪنهن کي واجب القتل قرار ڏئي ڇڏي يا ڪنهن تي توهين مذهب جو الزام لڳائي ڇڏي ته ڪا اٿارٽي ان جو نوٽيس نه ٿي وٺي. هن چيو ته پهريون ڀيرو سوشل ميڊيا جي تعريف بيان ڪئي وئي آهي، هر آن لائين پليٽ فارم يا ويب ايپلي ڪيشن جنهن جي ذريعي ڪا به معلومات ڦهلائي وڃي ٿي ان کي سوشل ميڊيا جي طور تي ڊيفائن ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي لاءِ هڪ نظام موجود آهي، پيمرا جي شڪايت ڪائونسل موجود آهي، پرنٽ ميڊيا جا پنهنجا فورمز موجود آهن پر هي بل ڊيجيٽل ميڊيا جي لاءِ آهي، ان سان اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو اسپيس وڌندو. هن چيو ته صحافت جي پيشي سان واڳيل ڪو به شخص هن بل کان متاثر نه ٿيندو. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ ڏوهن جي روڪٿام ايف آءِ اي جو ڪم نه آهي، ان جي لاءِ نيشنل سائبر ڪرائيم ايجنسي آندي پئي وڃي جنهن ۾ اڃا وقت لڳندو، ان جا رولز سڀني جي مشاورت سان ٺاهينداسين. هن چيو ته ڊيجيٽل پروٽيڪشن اٿارٽي ۾ هڪ ميمبر پريس ڪلب يا ڪنهن ميڊيا اداري مان هوندو، ان اٿارٽي ۾ ورڪنگ جرنلسٽس کي تحفظ ضرور ملندو پر ڪنهن ورڪنگ جرنلسٽس کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڪا شق موجود نه آهي. وفاقي وزير چيو ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي لاءِ ريگيوليٽري اٿارٽي موجود هجي ۽ ان جو اسپيس گهٽ ٿي وڃي ۽ اها پگهار ۽ مراعتون ادا نه ڪري سگهي، چينلز بند ٿيڻ جي ويجهو اچي وڃن، اخبارن جي سرڪيوليشن گهٽ ٿيندي ٿيندي اهي غيرفعال ٿي وڃن پر جنهن وٽ هڪ ڪئميرا هجي ۽ اهو سوشل ميڊيا تي لکين رپيا ڪمائي ۽ ٽيڪس به ادا نه ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي هڪ شخص قاضي فائز عيسيٰ جي سِر جي قيمت مقرر ڪري ڇڏي ڇا ان کي سزا ملي؟ ڇا ايف آءِ اي ۽ پوليس جي ايتري سگهه هئي جو اهي ان جي خلاف ڪارروائي ڪن ها؟ هن چيو ته جيڪو مواد ڪٿي نه ٿو هلي اهو ڊيجيٽل ميڊيا تي هلايو وڃي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ان کان اڳ سوشل ميڊيا جي تعريف ڪٿي نه هئي، پهريون ڀيرو ويب ايپلي ڪيشن، موبائيل ايپلي ڪيشن، آن لائين پليٽ فارم جي تعريف بيان ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اٿارٽي قائم ٿيڻ کانپوءِ انويسٽيگيشن ايجنسي ٺهندي، ان جا رولز ٺهڻ سان سسٽم ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته پيڪا ايڪٽ ترميمي بل تي مشاورتي عمل کي اڳتي وٺي وڃڻو پوندو، پي آر اي، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي، پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، اين پي سي سڀني کي دعوت ڏيان ٿو ته اهي اچن ۽ ان تي ويهي ڳالهه ڪن، هن بل کي پڙهن ته هي بل آهي ڇا، هي بل صحافين جي تحفظ جي لاءِ آهي يا انهن کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي لاءِ. هن چيو ته هي بل رڳو ڊيجيٽل ميڊيا جي لاءِ آهي جيڪا بنا ڪنهن رولز جي هلي رهي آهي. هن چيو ته هن بل تي مشاورت جي لاءِ هر وقت تيار آهيون، رولز ۾ تمام گهڻي گنجائش موجود آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ايف آءِ اي وائيٽ ڪالر ڪرائيم کي ڊيل ڪري ٿي، ڊيجيٽل ڪرائيم کي ڏسڻ ايف آءِ اي جي ڪيپيسٽي نه آهي، ان جي لاءِ جدا خاص نظام آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهو پاڻ کي صحافي ظاهر ڪري نفرت ڦهلائي رهيا آهن، هن بل سان اهڙي طرح جي ڪاررواين جي روڪٿام ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير چيو ته ٽي وي چينلز ۽ اخبارن جا ڊيجيٽل پليٽ فارمز اڳ ۾ ئي اداري جي پاليسي تي عمل پيرا هوندا آهن. پيڪا ايڪٽ ترميمي بل نفرت انگيز تقرير، تشدد يا ڪوڙ تي ٻڌل معلومات جي روڪٿام جي لاءِ آهي.