اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي بئنڪ سان 10 سالن جي حصيداري فريم ورڪ پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ منصوبو آهي، فريم ورڪ تي عمل ڪندي پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائينداسين، جيڪو ڪم اڄ ٿي رهيو آهي اهو تمام گهڻو اڳ ٿي وڃڻ گهرجي ها. هو ورلڊ بئنڪ جي 10 سالن جي حصيداري فريم ورڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وزير اسحاق ڊار، عطاءُ الله تارڙ، احد خان چيما، عبدالعليم خان، اويس لغاري، مصدق ملڪ، عالمي بئنڪ جو نائب صدر مارٽن رائزر سميت لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ عملدار ۽ سفارتڪار پڻ موجود هئا. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ تاريخي ۽ خوشگوار ڏينهن آهي، ورلڊ بئنڪ ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، عالمي بئنڪ هائيڊل، توانائي ۽ ادارن ۾ سڌارن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون ڪيو آهي، ان نئين پروگرام سان تعليم، صحت، موسمياتي تبديلي، آءِ ٽي، زراعت سميت 6 شعبن ۾ ترقي ٿيندي، اها حصيداري 10 سالن تي ٻڌل هوندي. وزيراعظم چيو ته جيڪو ڪم اڄ ٿي رهيو آهي اهو تمام گهڻو اڳ ٿي وڃڻ گهرجي ها. هن چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جو عمل جاري آهي، ڪراچي ۾ فيس ليس اسيسمنٽ شروع ڪئي وئي آهي، اهو نظام سمورن پورٽس تي شروع ڪيو ويندو جنهن سان ڪسٽمز ڊيوٽي، ان لينڊ روينيو ۽ سيلز ٽيڪس جي مد ۾ اربين رپيا قومي خزاني ۾ ايندا ۽ ڪرپشن جتي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته ان سان حڪومت کي سماجي ۽ اقصادي مقصدن جي لاءِ وڌيڪ وسيلا ميسر ايندا ۽ غربت جو خاتمو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم ورلڊ بئنڪ جا ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت مشڪل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٽيم جي صورت ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ورلڊ بئنڪ سان گڏجي تمام گهڻي محنت سان اهو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي جنهن جو اڄ افتتاح ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ان منصوبي جو حصو آهي، جنهن محنت ۽ تيزي سان هي پروگرام جوڙيو ويو آهي ان جذبي سان ان تي عمل ڪندي پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائينداسين. ان کان اڳ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما چيو ته ورلڊ بئنڪ سان 10 سالن جو حصيداري فريم ورڪ خوشي جوڳو آهي، اهو پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ جي وچ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ منصوبو آهي، عالمي بئنڪ ان فريم ورڪ تحت 20 ارب ڊالر فراهم ڪندي جنهن سان غربت جي خاتمي ۾ مدد ملندي ۽ تعليمي شعبي ۾ پڻ بهتري ايندي. هن چيو ته عالمي بئنڪ 1950ع کان پاڪستان کي مختلف شعبن ۾ تعاون فراهم ڪري رهي آهي. عالمي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن رائزر چيو ته حصيداري فريم ورڪ تحت 6 شعبن تي ڌيان ڏنو ويو آهي. هن چيو ته عالمي بئنڪ پاڪستان سان تعاون جاري رکندو.