اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان واپار، توانائي، فضائي رابطي ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ آذربائيجان جي دفاعي صنعت واري وزير ووگار مصطفيٰ يوف جي وچ ۾ ملاقات دوران چئي وئي، جنهن پنهنجي وفد سان گڏ صدر سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آذربائيجان جي وزير جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي تاريخي ۽ گهري لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. هن عوامي سطح تي رابطن، سياحت جي لاڳاپن ۽ واپاري ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن علائقائي اقتصادي تعاون کي فروغ ڏئي سگهجي. صدر ثقافتي رابطن کي مضبوط ڪرڻ ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامون شروع ٿيڻ جي آجيان ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان عوامي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. 2024ع ۾ ڪاروبار ۽ سياحت جي لاءِ 72000 کان وڌيڪ پاڪستانين آذربائيجان جو دورو ڪيو، جيڪو گذريل سال جي 55000 مسافرن جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو اضافو ظاهر ڪري ٿو. آذربائيجان جي وزير ٻنهي ملڪن جي گهري لاڳاپن تي روشني وجهندي چيو ته آذربائيجان توانائي، ڪاروبار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن مشڪل حالتن ۾ هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي ۽ آذربائيجان جي عوام سدائين پاڪستان جي سياسي حمايت کي ياد رکندو. آذربائيجان جي دفاعي صنعت واري وزير صدر پاران شاندار استقبال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف پاران صدر جي صحت، ڪاميابي، امن ۽ پاڪستان جي خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو.