اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان 19 جنوري تي غزه ۾ جنگبندي جي شروعات ۽ ان جي نتيجي ۾ يرغمالين ۽ فلسطيني قيدين جي آزادي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اها جنگبندي مصر، قطر ۽ آمريڪا جي ثالثي ڪردار کانپوءِ عمل ۾ آئي. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب غزه جي نئين سر تعمير جي لاءِ ٺوس منصوبو تيار ڪري. هن چيو ته اسان ان وحشياڻي جنگ ۾ ڪيل اسرائيلي ڏوهن جي جوابدهي جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ ان کي عالمي قانوني حيثيت جي بحالي جي لاءِ هڪ لازمي عنصر سمجهون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان ٻه رياستي حل جي حمايت جاري رکي آهي جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلن تي ٻڌل آهي. هن اولهندي ڪناري جي جنين پناهگير ڪئمپ تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 10 فلسطيني مارجي ويا آهن. ترجمان چيو ته اهڙا قدم ممڪن طور تي غزه ۾ غيريقيني جنگبندي کي نقصان پهچائين ٿا ۽ عالمي برادري کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.