اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڏکڻ ايشيا جي نائب صدر مارٽن ريزر وچ ۾ اهم ملاقات ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان لاءِ مالي سال 35-2026ع جي نئين ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ(سي پي ايف) جي ڪاميابي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ فريم ورڪ جي ايندڙ مرحلي ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ڊگهي مدي واري ترقياتي حڪمت عملي ۾ حصيداري جي ڪردار تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه ان موقعي تي چيو ته 20 ارب آمريڪي ڊالرن جي غير معمولي مالياتي واعدي سان نئون سي پي ايف پاڪستان ۽ ورلڊ بئنڪ وچ ۾ مضبوط حصيداري جو اهڃاڻ آهي، هي فريم ورڪ پاڪستان جي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ موثر ذريعو ثابت ٿيندو، جيڪو 6 اهم شعبن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ معياري تعليم جي بهتري، ٻارن ۾ غذائي کوٽ (سسٽنگ) جو خاتمو، ماحولياتي تبديلين کان تحفظ، توانائي جي شعبي ۾ بهتري، جامع ۽ پائيدار ترقي، نجي سيڙپڪاري ۾ اضافو شامل آهي. ملاقات دوران وفاقي وزير سي پي ايف جي فوري ۽ موثر لاڳو جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ ان حصيداري کي عملي قدمن سان مستحڪم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن حڪومت جي ترقياتي ويزن کي اڏام پاڪستان، مقامي معاشي تبديلي جي قومي منصوبي سان هم آهنگ قرار ڏنو. ورلڊ بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر پاڪستان جي ترقياتي هدفن لاءِ بئنڪ جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان ڳالهه تي اعتماد ظاهر ڪيو ته سي پي ايف ملڪ ۾ ڊگهي مثبت تبديلي جي صلاحيت رکي ٿو، هن خاطري ڪرائي ته ورلڊ بنئڪ هن فريم ورڪ کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي مالي، فني ۽ مشاورتي مدد فراهم ڪندو رهندو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن منصوبن تي عملدرآمد ۾ موجود چئلينجز، سميت زمين جي حاصلات، منصوبن جي شروعات ۾ دير ۽ سماجي خدشن جي پاسداري جهڙن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، احد چيمه زور ڀريو ته ورلڊ بنئڪ ۽ ٻين ترقياتي حصيدارن سان ويجهن رابطن ۽ منظوري جي عمل کي بهتر بڻائڻ ۽ ان جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري هوندو. هن ورلڊ بنئڪ تي زور ڀريو ته هو آءِ بي اي 21 فريم ورڪ تحت پاڪستان کي ملندڙ رعايتي مالي مدد خاص ڪري ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ پرڏيهي قرضن جي انتظام لاءِ امداد ۾ واڌ ڪري. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سي پي ايف جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وسيلن جي وقت سر ۽ موثر ورڇ نهايت اهم آهي. مارٽن ريزر وفاقي وزير ۽ پاڪستان جي اقتصادي ٽيم جي اڳواڻي ۽ اڻٿڪ محنت کي ساراهيو ۽ چيو ته سي پي ايف جي ڪاميابي نه رڳو پاڪستان پر خطي جي ٻين ملڪن لاءِ به هڪ مثبت مثال بڻجي سگهي ٿو، ڌرين حصيداري کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان جي ترقي، خوشحالي لاءِ عملي نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.