اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته مراڪش جي سمنڊ ويجهو ٻيڙيءَ اونڌي ٿيڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ تصديق ٿيل معلومات جي بنياد تي هيستائين 22 زندهه بچي ويل پاڪستاني شهرين جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته گذريل هفتي مراڪش جي سمنڊ تي ٻيڙيءَ اونڌي ٿيڻ جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو. هن چيو ته تصديق ٿيل معلومات جي بنياد تي هيستائين 22 زندهه بچي ويلن جي پاڪستاني شهري هجڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. هن چيو ته مراڪش ۾ پاڪستان جو سفارتخانو بچي ويل پاڪستانين ۽ مراڪش جي عملدارن سان رابطي ۾ آهي ته جيئن ان سانحي ۾ ملوث ڪنهن پاڪستاني شهري جي سڃاڻپ جو پتو لڳائي سگهجي. ترجمان چيو ته اسان دوست ملڪ مراڪش پاران فراهم ڪيل بهترين تعاون ۽ مدد جي لاءِ ٿورائتا آهيون.