اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زوب ضلعي ۾ 6 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي جوانن تي فخر آهي، انسانيت جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ متحرڪ آهن.