اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪباد وارو خط موڪليو آهي. ترجمان کان پريس بريفنگ دوران سوال ڪيو ويو ته ڇا وزيراعظم صدر ٽرمپ کي مبارڪباد جو خط موڪليو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وزيراعظم صدر ٽرمپ کي 20 جنوري تي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد جو باضابطا خط موڪليو آهي. هن چيو ته اهڙي طرح نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ آمريڪا جي نئين پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني آهي.