اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري زوب ضلعي ۾ پاڪ – افغان سرحد تي دخل اندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وقت سر ڪارروائي دوران 6 خوارج جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج ملڪي سرحدن جي هر وقت حفاظت جي لاءِ پرعزم آهي. صدر چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.