اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي رابطو ڪري اتر اولهه ترڪيه ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستاني عوام ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ اتر اولهه ترڪيه جي گرينڊ ڪارتل هوٽل ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري پاڪستاني قوم ان واقعي تي ڏکويل آهي ۽ فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر رجب طيب اردوان کي يقين ڏياريو ته پاڪستاني عوام ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم ان افسوسناڪ واقعي تي ترڪ عملدارن پاران فوري ردعمل کي ساراهيندي ان سلسلي ۾ هر ممڪن مدد جي آڇ ڪئي. صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ۽ صدر اردوان جي وچ ۾ رابطو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ انهن کي مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو مظهر آهي.