لاس اينجلس-23 جنوري (اي پي پي) لاس اينجلس ۾ هڪ علائقي ۾ وڏي پيماني تي ٻيلن ۾ باهه ڀڙڪي پئي. اختيارين ان علائقي مان 50 هزار ماڻهن کي نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪيليفورنيا ڊپارٽمينٽ آف فاريسٽري اينڊ فائرپروٽيڪشن مطابق نئين باهه کي هيوزفائر جو نالو ڏنو ويو آهي. ان 9 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي کي متاثر ڪيو. ان تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش فوري طورتي ڪامياب نه ٿي سگهي. نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ مطابق نئين باهه اتر اولهه لاس اينجلس ۾ تفريحي ليڪ ڪاسٽيڪ ويجهو لڳي آهي، جيڪا ايٽن ۽پليسيڊز جي باهه کان اٽڪل 40 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، انهن ٻنهن علائقن جي ٻيلن ۾ 3 هفتن کان باهه لڳل آهي. ڪيليفورنيا ڊپارٽمينٽ آف فاريسٽري اينڊ فائرپروٽيڪشن جي انگ اکرن مطابق پيليسيڊز ۾ لڳل باهه 23،448 ايڪڙ ايراضي کي ساڙي ڇڏيو آهي. ان باهه تي هيل تائين 68 سيڪڙو ضابطو آندو ويو آهي. ايٽن جي باهه 14،021 ايڪڙ ايراضي ساڙي ڇڏي. ان تي 91 سيڪڙو تائين ضابطو آندو ويو ويو آهي. آمريڪي اختيارين نارٿ ليڪ هلز ايليمنٽري اسڪول، ڪاسٽيڪ ايليمنٽري اسڪول ۽ ڪاسٽيڪ مڊل اسڪول جي ويجهن علائقن جي رهائشين کي گهر ڇڏي وڃڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. اختيارين مطابق ڪيلفورنيا هاءِوي پٽرول چيو آهي ته 2 ڪاسٽيڪ اسڪولن جي شاگردن کي رالف جي جي گروسري اسٽور جي پارڪنگ ۾ جڏهن ته نارٿ ليڪ سان تعلق رکندڙ اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ منتقل ڪيو ويو آهي . واضع رهي ته ان کان اڳ لاس اينجلس ۾ 5 هنڌن تي باهه لڳي هئي. جن کي پيليسڊز فائر ، ايٽن فائر ، هرسٽ فائر ، سن سيٽ فائر ۽ لڊيافائر جانالا ڏنا ويا آهن.