واشنگٽن-23 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يمن حوثين کي پرڏيهي دهشتگرد تنظيم (ايف ٽي او) جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي ايگزيڪيٽو آرڊر تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري وائٽ هائوس طرفان جاتي ڪيل فيڪٽ شيٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن هڪ ايگزيڪيٽو آرڊر تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ يمن حوثين کي ٻيهر پرڏيهي دهشتگرد تنظيم (ايف ٽي او) نامزد ڪيو ويو آهي. فيڪٽ شيٽ مطابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايگزيڪيٽو آرڊر 4 سال اڳ جوبائيڊن طرفان جاري ڪيل ان حڪم کي واپس وٺي ڇڏيو آهي جنهن ۾ حوثين کي دهشتگرد تنظيمن جي لسٽ مان ڪڍيو ويو هو. ٽرمپ پنهنجي صدارت جي پهرين مدي جي آخري ڏينهن ۾ يمن جي حوثين کي پرڏيهي دهشتگرد تنظيم جي لسٽ ۾ شامل ڪيو هو. وائٽ هائوس فيڪٽ شيٽ ۾ چيو ته بائيڊن انتظاميا جي ڪمزور پاليسي جي نتيجي ۾ حوثين درجنين ڀيرا آمريڪي بحريه جي جنگي جهازن تي فائرنگ ڪئي، شراڪتدار ملڪن جي شهري انفراسٽرڪچر تي ڪيترائي حملا ڪيا ۽ باب المندب مان گذرندڙ واپاري جهازن تي 100 کان وڌيڪ حملا ڪيا.