اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) واپڊا پاران مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن. جاري انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 15 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 22 هزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 13 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 13 هزار 900 ڪيوسڪ آھي، خيبر آباد پل تي پاڻي جي آمد 20 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 100 ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 5 هزار 600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 147.58 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.116 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1137.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.240 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 640.70 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.038 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.