اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ڊجيٽل نيشن پاڪستان بل 2024ع منظور ڪري ورتو. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه اهو بل پيش ڪرڻ جي رٿ ايوان ۾ پيش ڪئي، جنهن جي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ايوان مان منظوري ورتي. رٿ جي منظوريءَ کانپوءِ مملڪتي وزير اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن جي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ايوان مان منظوري ورتي. بعد ۾ ايوان اهو بل منظور ڪري ورتو، جڏهن ته صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي زوير رانا تنوير حسين پاران پيش ڪيل پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائيم ترميمي بل 2025ع پُڻ منظور ڪري ورتو.