راولپنڊي / اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊيزيز جو دورو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران خاتون اول کي پروفيسر ڊاڪٽر پين شيانگ بن جي سربراهي ۾ دل جي مرض جي چيني ماهرن بريفنگ ڏني. ان موقعي تي سينيٽر سليم مانڊوي والا، پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زي ڊونگ ۽ ڪمانڊنٽ آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊيزيز ميجر جنرل نصير احمد پڻ موجود هئا. خاتون اول کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ الٽراسائونڊ رهنمائي تحت دل جي پيدائشي ۽ ساخت بابت بيمارين جي جديد طبي طريقيڪار سان چيني تعاون سان پهريون ڀيرو علاج ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي چيني سفير چيو ته چين دل جي مرض جي جديد طبي خدمتن جو دائرو بلوچستان تائين پڻ وڌائيندو، چين پاڪستاني ڊاڪٽرن کي دل جي مرض جي علاج جي جديد طريقي بابت تربيتي موقعا پڻ فراهم ڪندو. چيني سفير چيو ته چين پاڪستان سان صحت جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائيندو. خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري صحت جي شعبي ۾ تعاون تي چيني حڪومت جا دل سان ٿورا مڃيا. هن دل جي مريضن کي جديد ترين علاج فراهم ڪرڻ تي آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي جي انتظاميا کي پڻ ساراهيو. خاتون اول اي ايف آءِ سي ۾ مختلف وارڊز جو دورو ڪيو، مريضن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي گلدستا پيش ڪيا. آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي جي ڪمانڊنٽ خاتون اول کي يادگاري شيلڊ پڻ پيش ڪئي.