واشنگٽن-23 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن جوولسن ۽ روب بريسناهن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته علائقي ۾ پائيدار امن جي قيام، خاص ڪري افغانستان جي صورتحال تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ واپاري ۽ ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ويو.
گهرو وزير پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر سطح تي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن آمريڪي ڪانگريس جي ٻنهي ميمبرن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. گهرو وزير چيو ته آمريڪا پاڪستان جو انتهائي اهم اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ قائم لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا لاءِ امن جي اميد بڻيل آهي، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي نئون رخ ملندو. ملاقاتن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير رضوان سعيد شيخ پڻ موجود هو.