اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا جي ٻيٽ جاوا ۾ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇِپون ڪرڻ سبب قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته انڊونيشيا جي جزيري جاوا ۾ مٽيءَ جون ڇِپون ڪرڻ ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي جاني نقصان ۽ ڪجهه ماڻهن جي گم ٿي وڃڻ تي تمام گهڻو افسوس آهي. هن پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران هن مشڪل گهڙيءَ ۾ انڊونيشيا جي صدر پرابوو وسوبيانتو، متاثرين جي گهرڀاتين ۽ انڊونيشيا جي عوام سان دلي تعزيتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ان قدرتي آفت سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي همت ۽ حوصلي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان انڊونيشيا جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.