اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين ۾ زرعي شعبي جي تربيت جي لاءِ روانو ٿيندڙ شاگردن جي چونڊ ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي اولين ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين جي چين ۾ جديد زرعي تربيت جو پورو خرچ پاڪستان حڪومت کڻندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ چين ۾ جديد زراعت جي تربيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويندڙ پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، احد خان چيما، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پورٽل جي ذريعي درخواستن جي ڇنڊڇاڻ دوران سليڪشن جي معيار تي پورو نه لهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي جنهن جي زرعي شعبي ۾ ترقي بي مثال آهي. پنهنجي چين جي دوري دوران چيني قيادت سان زرعي شعبي ۾ پاڪستاني شاگردن جي جديد تربيت جي درخواست ڪئي هئي. الله جي فضل ۽ ڪرم سان تمام جلد شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پهرين بئچ زراعت جي شعبي ۾ جديد تربيت جي لاءِ چين رواني ٿيندي. وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي جي جديد تربيت جي لاءِ چين ويندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 10 سيڪڙو خصوصي ڪوٽا بلوچستان جي شاگردن جي لاءِ مخصوص ڪئي وئي. چيني قيادت ۽ چيني يونيورسٽين جا ٿورائتا آهيون ته انهن پاڪستاني شاگردن کي چين ۾ زراعت جي جديد تربيت جو موقعو ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته زرعي شعبي سان تعلق رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين شفاف طريقي سان پورٽل جي ذريعي درخواستون جمع ڪرايون. 1287 درخواستن مان 711 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تربيت جي طئي ڪيل معيار تي پورو لٿا. انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جا اميدوار پڻ شامل آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٻن بئچز ۾ چين موڪليو ويندو. پهرين کيپ ۾ 300 شاگرد ۽ شاگردياڻيون آبپاشي ۾ بهتري، چوُپائي مال ۾ بيمارين جي سُڃاڻپ ۽ سارسنڀال، چُوپائي مال جي نسل جي واڌويجهه ۽ جديد جينيات ۽ جديد ٻجن جي تياري ۽ انهن جي پراسيسنگ جي شعبن ۾ تربيت جي لاءِ موڪليو ويندو. شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پهرين کيپ مارچ 2025ع ۾ چين رواني ٿيندي. اجلاس کي وڌيڪ آگاهه ڪيو ويو ته 400 شاگردن جي ٻي کيپ هلندڙ سال جي وچ ۾ چين موڪلي ويندي جن کي زراعت ۾ جديد مشينري جي استعمال، فصلن جي تيزي سان افزائش، زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي بشمول مصنوعي ذهانت جو استعمال ۽ ميون ۽ ڀاڄين جي پراسيسنگ جي شعبن ۾ تربيت ڏني ويندي.