نئين دھلي-22 جنوري (اي پي پي) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آءِ) جي انتظام ھيٺ ويمنز پريميئرليگ (ڊبليو پي ايل) جون ٽيون ايڊيشن 14 فيبروري کان ڀارت ۾ شروع ٿيندو. ويمنز پريميئر ليگ جون 5 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ نظر اينديون. رائل چيلنجرز بنگلور جي ويمنز ٽيم ليگ ۾ ٽائٽل جو دفاع ڪندي. ويمزز پريميئر ليگ عورتن جو ھڪ پيشي وراڻو ٽي ٽوئنٽي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ آھي جنھن ۾ 5 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪنديون. ٽورنامينٽ ۾ فائنل سميت اٽڪل 22 ميچون کيڏيون وينديون. ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ 15 مارچ 2025ع تي کيڏي ويندي.