ڪينبرا-22 جنوري (اي پي پي) آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي عورتاڻي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ٽي – 20 ڪرڪيٽ ميچ خميس 23 جنوري تي مانوڪا اوول، ڪينبرا ۾ کيڏي ويندي. اها ميچ نائٽ هوندي ۽ فلڊ لائٽس ۾ کيڏي ويندي. ميزبان آسٽريلوي ويمن ٽيم کي انگلينڊ جي عورتاڻي ٽيم خلاف ٽي ٽونٽي ۾ 1-0 جي سرسي حاصل آهي. آسٽريليا جي ٽيم پهرين ٽي 20 ميچ ۾ انگلينڊ جي ويمن ٽيم کي 57 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ان کان اڳ آسٽريليا جي عورتاڻي ٽيم ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ انگلينڊ جي عورتاڻي ٽيم کي 3-0 تان وائيٽ واش ڪيو هو. آسٽريلوي ٽيم کي اليسا هيلي ليڊ ڪري رهي آهي جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم هيٿر نائٽ جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي.