اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، اين سي اي اها رقم ضبط ڪري پاڪستان حڪومت جي حوالي ڪئي، بند لفافو ڪابينا ۾ آندو ويو، شهزاد اڪبر پئسو آفيشل دستاويزن ۾ ظاهر ڪرايو، باني چيئرمين پي ٽي آءِ پنهنجي ڪرپشن جو جواب ڏي. 190 ملين پائونڊ ميگا ڪرپشن جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 190 ملين پائونڊ جي فيصلي کي عالمي ميڊيا ڪرپشنز جي هيڊلائينز ڏنيون، ان ڪيس جا ٺوس ثبوت موجود هئا، نيشنل ڪرائيم ايجنسي سان ڪرائيم پروسيڊ جي ذريعي پئسا پاڪستان حڪومت وٽ آيا، شهزاد اڪبر ايسٽ ريڪوري يونٽ ۾ 190 ملين پائونڊ کي سرڪاري ڪاغذن جي اندر ظاهر ڪرايو ۽ ڪابينا کي به اهو ئي ٻڌايو ته اهي پئسا ملڪ رياض ۽ سندس خاندان کان ضبط ڪري پاڪستان حڪومت کي ڏنا ويا آهن، جڏهن اها رقم پاڪستان حڪومت کي ڏني وئي ۽ شهزاد اڪبر به تسليم ڪري ورتو ته ان ۾ ڪو ابهام نه ٿو رهي. هن بند لفافو ڪابينا ۾ آندو ۽ پئسا کي سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ ڪنهن ٻئي ڏوهه جي مد ۾ ادا ڪري ڇڏيا. هن چيو ته زال مڙس ٽرسٽ ٺاهيو، رشوت ۾ 200 ڪينال زمين ورتي، مُنڊيون گهريون، ان کان وڏو ڪرپشن جو مثال نه ٿو ملي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته 190 ملين پائونڊ ميگا ڪرپشن جا ناقابل ترديد ثبوت موجود هئا. اهو پاڪستان جي تاريخ جو ڪرپشن ۽ رشوت جو جو سڀ کان وڏو ڪيس آهي، اهي سڀئي شيون ڪاغذن سان ثابت ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ به پنهنجي آرڊر ۾ چيو ته هڪ هٿ کان پئسو وٺي ٻئي هٿ سان ڏنو ويو. اهو پئسو پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام جو هو، جنهن جو غلط استعمال ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ رياض ۽ ان جي پٽ جي خلاف بدعنواني ۽ زمينن تي قبضي جا ڪيترائي ڪيسز هلي رهيا آهن، جنهن ۾ راولپنڊي جي علائقي تخت پڙي ۾ ناجائز قبضي ۽ غيرقانوني هائوسنگ سوسائٽي ۽ عوام کان اربين رپيا ڦرڻ جا ڪيس داخل آهن. هن چيو ته نيب پاران پريس ريليز جاري ٿيڻ باوجود دبئي ۾ پراجيڪٽ لانچ ڪيا پيا وڃن. نيب واضح ڪيو آهي ته دبئي جي پراجيڪٽ ۾ جيڪو پئسو لڳندو اهو مني لانڊرنگ جي زمري ۾ ايندو. هن چيو ته گڏيل عرب امارات جي حڪومت آڏو به اهو معاملو اٿاريو ويندو ته حڪومت ان تي ايڪشن کڻي، نيب انهن کي مفرور ڊڪليئر ڪيو آهي، جيڪڏهن اهي پنهنجي پاڻ جو دفاع ڪري سگهن ها ته 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ به عدالت جي سامهون بيهن ها. هن چيو ته هو اڳ ۾ به عدالتن مان راهه فرار اختيار ڪئي آهي، عدالتن سامهون پيش ناهن ٿيا، انهن جون ملڪيتون اڳ ۾ به ضبط ٿيون آهن، نيب باقي ڪيسز جي اندر به ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي حوالي سان ڪارروائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته نيب عوام کي آگاهه ڪيو آهي ته دبئي پراجيڪٽ ۾ سيڙپڪاري مني لانڊرنگ جي زمري ۾ ايندي تنهن ڪري ان ۾ سيڙپڪاري نه ڪئي وڃي. هن چيو ته نيب ۾ ڪيترائي ڪيسز موجود آهن، ان حوالي سان عدالتن جي سامهون ڪنهن به قسم جو ڪوبه دفاع نه پيو ڪيو وڃي. 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ به مفرور ٿي چڪا آهن ته اڳتي به قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ گهرجي، اهو نه ڏسڻ گهرجي ته ڪير ڪهڙي پوزيشن ۾ آهي يا ڪنهن وٽ ڪيترو پئسو آهي. هن چيو ته ملڪ رياض ۽ باقي ماڻهن جي خلاف ڪيترائي ثبوت ۽ ڪيسز موجود آهن، انهن کي گهرجي ته عدالتن ۾ پنهنجي ڪيسن کي منهن ڏين، جنهن ۾ هو ناڪام رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته نيب قانون موجب ڪم ڪري رهيو آهي، هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو بااثر ماڻهن تي نيب سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي ثبوتن جي بنياد تي هٿ وڌو آهي. هن چيو ته برطانيا جي حڪومت ڏنڊ جي طور تي ملڪ رياض ۽ علي رياض ملڪ جا ويزا رد ڪري جيڪي ڪريمنل پروسيڊنگز جي بنا ممڪن نه هئا. هنن برطانيا ۾ پنهنجا ويزا بحال ڪرڻ جي لاءِ ڪيس فائيل ڪيا برطانوي حڪومت جيستائين ڪنهن جي خلاف ڪا شيءَ ثابت نه ٿئي ان جي خلاف ڪنهن جي ويزا رد نه ٿي ڪري، ان جو مطلب آهي ته جيڪي پئسا ضبط ڪيا ويا هئا اهي پاڪستان جي ملڪيت هئا ۽ اهي ضبط ڪري پاڪستان کي ڏنا ويا. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ وارا سياست کي مذهب کان جدا رکن، پي ٽي آءِ جو باني چيئرمين پنهنجي ڪرپشن ۽ رشوت جو جواب ڏي، مذهب جي پٺيان لڪي پنهنجي ڪڌي ڏوهه کي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪري.