اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ قوم جا 80 ارب رپيا هڙپ ڪري ويو ۽ چئي رهيو آهي ته هو سيرت تي هلي رهيو هو، پنج قيراط هيري جي مُنڊين جي بشريٰ بي بي کان خبر پئي، ان کان اڳ ڪڏهن به نه ٻڌو هو ته پنج قيراط هيري جون مُنڊيون به هونديون آهن. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس اسپيس“ تي 190 ملين پائونڊ ميگا ڪرپشن ڪيس جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنج قيراط هيري جي مُنڊين جو ان کان اڳ ڪڏهن به نه ٻڌو هو ته اهڙي ڪا مُنڊي به ٿيندي آهي، پنج قيراط هيري جي مُنڊي جي بشريٰ بي بي کان خبر پئي، بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي گڏجي ڦرلٽ ڪنديون رهيون. هن چيو ته هاڻي باني چيئرمين پي ٽي آءِ چئي رهيو آهي ته هو سيرت تي هلي رهيو هو، هو قوم جا 80 ارب رپيا هڙپ ڪري ويو آهي. هن چيو ته ڪرپشن ۽ ڦرلٽ کي مذهب سان نه ڳنڍڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن جي ذريعي لاهور ۾ گهر ٺاهيو، فراڊ ٽرسٽ جو بنياد رکيو، زمينون خريد ڪيون، هي اهو ئي پئسو آهي جيڪو ملڪ رياض کان بطور رشوت وٺي هن استعمال ڪيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جو ڪو هڪ شخص عمران نيازي جي آمدني جو ذريعو نه ٿو ٻڌائي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عدالت 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ شريڪ جوابدارن کي اشتهاري ڊڪليئر ڪيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ هر جڳهه مذهب ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، دوست ملڪ جي حوالي سان به هن مذهب کي استعمال ڪيو ۽ ماڻهن جا مذهبي جذبا اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي. وفاقي وزير چيو ته 190 ملين پائونڊ ميگا ڪرپشن ڪيس تي پراسيڪيوشن بهتر ڪيس وڙهيو، اين سي اي کان وٺي ڪابينا ۾ بند لفافي تائين سمورا ثبوت مهيا ڪيا. پي ٽي آءِ جيڪڏهن اپيل ڪري ٿي ته ان کي ثبوت به پيش ڪرڻا پوندا. هن چيو ته شهزاد اڪبر جو پنهنجو ليٽر سامهون آيو آهي جنهن ۾ لکيو آهي ته پاڪستان حڪومت جو پئسو ريڪور ڪيو ويو آهي. هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ 80 ارب رپين جو ڌاڙو هنيو، هي چوري ۽ ڪرپشن نه پر ڌاڙو آهي.