لاهور- 18 جنوري (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ صوبائي اسيمبلي ميمبر ميان نصير احمد جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس گهر ويو ۽ مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ميان نصير احمد جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفرودس ۾ اعليٰ مقام ۽ وارثن کي صبر عطا ڪري.