سيالڪوٽ-17 جنوري (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته جڏهن عمران خان چور چور ۽ ڦورو جا نعرا هڻي رهيو هو، ان وقت هن تمام وڏو فراڊ ڪيو ۽ برطانيه جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي کان پاڪستان آيل پئسو هن ملڪ رياض جي اڪائونٽ ۾ وِجهي ڇڏيو جيڪو اصل ۾ پاڪستاني عوام جو پئسو هو، جنهن کي عمران خان دوکي ۽ فراڊ سان ملڪ رياض جي اڪائونٽ ۾ وِجهي ڇڏيو ۽ سپريم ڪورٽ جنهن ۾ ثاقب نثار به موجود هو، ان دوران اهو سڀ ڪجهه ٿيو، القادر يونيورسٽي جو فيصلو آڏو آهي جڏهن رياست جي وڏن عهدن تي ويٺل ماڻهن خلاف اهڙيءَ طرح جا فيصلا اچن ته وڏي ڏُک جي ڳالهه آهي. اهڙو اظهار هن سيالڪوٽ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته نواز شريف خلاف ڪوڙا الزام لڳايا ويا ۽ جڏهن سندس خلاف ڪجهه به نه مليو ته فقط هڪ اقامي تي کيس اقتدار مان بيدخل ڪيو ويو، نواز شريف تي سمورا الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد ثابت ٿيا. هن چيو ته نام نهاد القادر يونيورسٽي آهي ئي نه، ان جي ٽرسٽي عمران خان جي گهر واري ۽ هو پاڻ آهي. القادر يونيورسٽي کي شروع ٿئي چار سال جو وقت ٿي چڪو آهي پر ان ۾ 300 جي لڳ ڀڳ ٻار آهن، ڇا يونيورسٽي ۾ ايترائي ٻار هوندا آهن. هن چيو ته القادر ٽرسٽ يونيورسٽي جا ڪيترا ڪلاس هوندا آهن، ڪيتريون ڊگريون ڏنيون وڃن ٿيون، اتي ڪهڙي تعليم ڏني وئي آهي، ان يونيورسٽي جو ڪردار ڪهڙو آهي، ان باري ۾ ميڊيا کي گهرجي ته اها پاڻ وڃي جاچ ڪري ۽ ڏسي ته اُتي ڇا ٿي رهيو آهي، هاڻ تائين 4 سالن ۾ اتي ڪيترا شاگرد تعليم پرائي نڪتا آهن ۽ ڪيترا شاگرد اتي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت جا 4 کان 5 وزير ان بابت ٽي وي تي اچي چئي چڪا آهن ته اسان کي ان بند لفافي جي باري ۾ ڪجهه به نه ٻُڌايو ويو جنهن سبب چوري جو مال هڙپ ڪرڻو هو، پاڪستان ۾ ڪڏهن به چوريءَ جي واردات کي ڪابينه مان تصديق ناهي ڪرايو ويو پر عمران خان اهو به ڪيو ۽ هي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ڪيو ويو. هن چيو ته ملڪ رياض به ان لاءِ ملڪ مان ڀڳل آهي ڇاڪاڻ ته اهوئي سڀ کان وڏو فائدو کڻندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته عمران خان اها سڄي رقم ان جي اڪائونٽ ۾ موڪلي، ملڪ رياض کان عوام جو پئسو ريڪور ڪرڻ گهرجي. بس هڪ سوال آهي ته هي عوام جو پئسو سرڪار جو پئسو ملڪ رياض جي اڪائونٽ ۾ ڇو ويو؟ خواجه محمد آصف جو چوڻ هو ته نام نهاد القادر ٽرسٽ کي عدالت حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. القادر يونيورسٽي جنهن ۾ صرف 2 ڊپارٽمينٽ آهن، جتي 300 کان 400 ٻار پڙهن ٿا. هن چيو ته عمران خان تمام وڏو ٺڳ ۽ فراڊي آهي، جنهن چوري جو مال هڙپ ڪرڻ لاءِ ملڪ ۽ قوم جو پئسو ملڪ رياض جي اڪائونٽ ۾ اُماڻيو ۽ ڏُک جي ڳالهه اها آهي ته عمران خان جهڙا ماڻهو چور دروازي کان اقتدار ۾ اچي ڦرمار شروع ڪري ڇڏين ٿا ۽ پوءِ انهن جا ساٿاري ملڪ ۽ قوم جو پئسو ڦري ملڪ مان ڀڄي وڃن ٿا. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو اڄ به ملڪ خلاف سازشن ۾ مصروف آهن، انهن ماڻهن کان ملڪ جي ترقي هضم ناهي ٿي رهي، هي ڏڦيڙ ڦهلائي ملڪ کي عدم استحڪام طرف ڌڪڻ چاهين ٿا، انهن جا ناڪاري حربا پهرين به ناڪام ٿيا ۽ آئينده به انهن کي شرمندگي کان سواءِ ڪجهه حاصل نه ٿيندو، پي ٽي آءِ قيادت سمنڊ پار پاڪستانين کي پرڏيهي ناڻو پنهنجي ملڪ نه موڪلڻ جو حربو به استعمال ڪيو پر عوام انهن جي ڏڦيڙ جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پهرين کان به وڌيڪ ناڻو موڪليو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪوبه ايگزيڪيوٽو آرڊر نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته عدالت جن ماڻهن کي سزائون ٻُڌايون آهن اها کين آزاد ڪري سگهي ٿي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، مان ڳالهين جي حق ۾ آهيان پر پي ٽي آءِ وارن جيڪو ملڪ ۽ قوم کي ڦريو آهي اهو انهن کان پهرين هٿ ته ڪجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مهانگائي هيٺ اچي رهي آهي جيڪا سنگل ڊجٽ تائين پهچي چڪي آهي جنهن جو اعتراف عمران خان پاڻ جيل ۾ به ڪري رهيو آهي جيڪو سٺو سنوڻ آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عثمان بزدار ۽ ٻين کان به پڇاڳاڇا ٿيڻ گهرجي.