اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تيراهه ضلعي ۾ ڪارروائي دوران 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر انٽيليجنس بنياد تي ڪامياب آپريشن دوران خوارجي سرغنه عبيدالله سميت 5 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.