اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تيراه ضلعي خيبر ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سيڪيورٽي فورسز پاران 5 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته دهشتگردن جي خلاف جاري جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.