ڪراچي-17 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ اڄ به فرد واحد جي رليف لاءِ رياست خلاف جنگ وڙھي رھي آھي، اڄ عمران خان کي 14 ورھين جي قيد جي سزا ٿي آھي پر ڪو ھڪ شخص احتجاج لاءِ ناھي نڪتو، معمولي گرفتاري تي 9 مئي تي پوري ملڪ کي باھ لڳائي وئي، ادارن تي حملا ڪيا ويا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ جو 126 ڏينھن جو ڌرڻو رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ ھو، ھن شخص کي پاڪستان جي عوام سان ڪوبه لڳاءُ ڪونھي، پي ٽي آءِ اڄ به فرد واحد جي رليف لاءِ رياست خلاف جنگ وڙھي رھي آھي. ھن چيو ته عمران خان ۽ سندس گهرواريءَ کي جيڪا سزا ٻڌائي وئي آھي ھي اھي ئي شيون آھن جن جي چونڊ هن پاڻ ڪئي ھُئي، عمران خان مخالفن کي نيب جي ذريعي گرفتار ڪرايو، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي جيل ۾ بند ڪرايو، عمران خان جو منصوبو نيب جي ذريعي ملڪ تي حاڪميت قائم ڪرڻ ھو، اڄ هن کي پنھنجن غلط ڪمن جون سزائون ملي رھيون آھن. ھن توشا خانا مان چوري ڪري شيون وڪرو ڪيون. هن چيو ته عوام کي اکيون کولڻ گھرجن، پي ٽي آءِ جو عوام جي سامھون ايمانداري جو ڍونگ وڌيڪ نه ٿو ھلي سگھي، پي ٽي آءِ جي پوري ڪوشش آھي ته عمران خان کي جيل کان ٻاھر ڪڍيو وڃي.