واشنگٽن-17 جنوري (اي پي پي) وائٽ هائوس ۾ قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته آمريڪا کي غزه معاهدي جي حوالي سان تازين رڪاوٽن جي ڄاڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن بيان ۾ باور ڪرايو ته سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو . هن چيو ته قيدين جي مٽاسٽا جي سمجهوتي کي اسرائيل جي حڪومت جي منظوري حاصل هجڻ گهرجي. هن ان ڳالهه جو اقرار ڪيو ته نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يقينن سمجهوتي کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪئي آهي. ترجمان مطابق ان سلسلي ۾ سندس وڏو ڪردار آهي . جيتوڻيڪ هن واضع ڪيو ته غزه جي ماڻهن يا اسرائيلي قيدين جي گهراڻن لاءِ سڀ کان اهم اهو آهي ته سندن ٻار ۽ گهر وارا واپس موٽي اچن.