لنڊن-17 جنوري (اي پي پي) جرمن چانسلر اولاف شولز ۽ آمريڪي ارب پتي ايلون مسڪ وچ ۾ ڇڪتاڻ بعد جرمن دفاع واري وزارت پنهنجو ايڪس اڪائونٽ معطل ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق جرمن دفاع واري وزارت اهو قدم ايلون مسڪ طرفان موجوده جرمن حڪومت تي تنقيد ۽ کاٻي ڌر جي اپوزيشن پارٽي اي ايف ڊي جي حمايت جي رد عمل ۾ کنيو آهي. اولاف شولز جي سوشل ڊيموڪريٽڪ اتحادي بورس پسٽوريئس جي سربراهي ۾ دفاع واري وزارت چيو ته ايڪس پليٽ فارم هاڻي حقيقت پسنداڻي، منطقي ۽ پرسڪون ڳالهين جي اجازت ڏيڻ لاءِ موزو ناهي رهيو . پر ان فيصلي تي ڪيترائي سوال پڻ اٿاريا آهن. واضع رهي ته ايلون مسڪ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجهي ساٿين ۾ شمار ٿيندو آهي، تازوئي هن جرمني جي الٽرنيٽ پارٽي جي 23 فيبروري جي ٿيندڙ وائس چانسلر جي اميدوار ايلس ويڊل سان ايڪس تي سڌي ريت ڳالهيون ڪيون.