واشنگٽن-17 جنوري (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري واري تقريب ۾ ٽسيلا جي سي اي او ايلون مسڪ، ايميزون جو مالڪ جيف بيزوس ۽ ميٽا جو سي اي او مارڪ زڪر برگ سان گڏوگڏ اڳوڻا صدر بارڪ اوباما، جارج بش ۽ بل ڪلنٽن به شريڪ ٿيندا. تقريب ۾ نائب صدر ڪملا هيرس ۽ سندس مڙس ڊگلس ايمهوف جي شرڪت به متوقع آهي. وائيس آف آمريڪا موجب جارج بش سان سندس گهرواريءَ لارا بش ۽ ڪلنٽن پنهنجي گهرواريءَ هيلري ڪلنٽن سان ان تقريب ۾ شرڪت ڪندا. ٽيسلا جي سي اي او ايلون مسڪ ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم لاءِ ڪروڙين ڊالر جا عطيا ڏنا آهن. حلف برداري واري تقريب ۾ ايلون مسڪ جي سيٽ ٻين امير ترين ماڻهن ايميزون جي مالڪ جيف بيزوس ۽ ميٽا جي سي اي او مارڪ زڪر برگ سان گڏ هوندي. آمريڪا ۾ صدر جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي اڳواڻن کي دعوت ڏيڻ جي روايت ناهي، جيتوڻيڪ نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترن ئي اهڙن اڳواڻن کي دعوت ڏني آهي. ارجنٽائن جي صدر هاويئر ملي جي تقريب ۾ شرڪت متوقع آهي. چين جو صدر شي جن پنگ تقريب ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي هڪ ايلچي کي موڪليندو. اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني کي به حلف برداري جو دعوت نامو ڏنو ويو آهي پر هن جو چوڻ آهي ته هو يقين نٿي چئي سگهي ته سندس مصروفيتون کيس تقريب ۾ شرڪت جي اجازت ڏينديون يا نه. نئين ايندڙ صدر جي حلف برداري واري تقريب ۾ ان وقت موجود سمورن اڳوڻن صدر جي شرڪت جي به پراڻي روايت آهي. عهدو ڇڏيندڙ صدر جوبائيڊن ۽ خاتون اول جلد بائيڊن به سومر تي ٿيندڙ تقريب ۾ شريڪ ٿيندا.