والاريل بيت المقدس -17 جنوري (اي پي پي) اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته غزه پٽي ۾ حراست هيٺ يرغمالين جي واپسي جو معاهدو طئي ٿيو آهي جنهن جي منظوري ڪابينه جي اجلاس ۾ ڏني ويندي . خابرو اداري ايسو سي ايٽڊ پريس موجب اسرائيلي وزيراعظم چيو ته ڪابينا جو اجلاس 17 جنوري تي طلب ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ جنگ بندي معاهدي جي منظوري ڏئي سگهجي ٿي ان کان اڳ گذريل ڏينهن نيتن ياهو جي آفيس چيو هو ته جنگ بندي جي معاهدي جي منظوري لاءِ ڪابينا جو اجلاس ان وقت تائين نه گهرائينداسين جيستائين فلسطيني عسڪريت پسند تنظيم غزه مان يرغمالين جي آزادي عمل ۾ نٿي اچي. ڳالهيُون ڪندڙن غزه ۾ جنگ بندي جي معاهدي تائين پهچڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، فلسطين جي عسڪري پسند تنظيم تي الزام لاڳو ڪيو هيو ته هو وڌيڪ رعايتون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ معاهدي جي ڪجهه شقن مان پوئتي ٿي رهي آهي ٻئي پاسي جنگ بندي معاهدي جي اعلان کانپوِءِ غزه جي مختلف علائقن ۾ اسرائيلي بمباري سبب گهٽ ۾ گهٽ 72 ڄڻا مارجي ويا هيا. غزه جي صحت واري وزارت گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي بمباري سبب فوتگين جي تصديق ڪئي آهي. غزه ۾ فلسطينين جو چوڻ آهي ته اسرائيل سڄي رات شديد بمباري ڪئي ۽ هوائي حملا اهڙي وقت ڪيا ويا جڏهن فلسطيني شهري جنگ بندي معاهدي جو اعلان ٻڌڻ کانپوءِ جشن ملاهائي رهيا هيا. ماضي ۾ ٿيندڙ ويڙهه کانپوءِ جنگ بندي جي معاهدي جي وقت کان اڳ ٻنهي پاسي پنهنجي قوت ڏيکارڻ لاءِ فوجي ڪاروائيون ڪندا رهيا آهن. امڪاني طور تي آچر واري ڏينهن لاڳو ڪيل جنگ بندي معاهدي تحت غزه مان ايندڙ ڇهن هفتن ۾ 33 اسرائيلي يرغمالين کي سوين فلسطينين جي بدلي آزاد ڪيو ويندو، جيڪي اسرائيل جي قيد ۾ آهن. فلسطيني عسڪري تنظيم جو چوڻ آهي ته هو باقي يرغمالين کي ان وقت تائين آزاد نه ڪندو جيستائين مڪمل جنگ بندي نه ٿيندي ۽ اسرائيلي فوج غزه مان واپس نٿي وڃي. غزه جي صحت واري وزارت موجب علائقي ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائي ۾ 46 هزار کان به وڌيڪ ماريا ويا آهن جن ۾ وڌيڪ عورتون ۽ ٻار هيا.