اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بهاولنگر سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر سيد اصغر علي شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري سيد اصغر علي شاهه جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. صدر مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.