اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي خاص هدايت تي ”نادرا موبائل ايپ“ لانچ ڪرڻ ۽ 3 نيون ريجنل آفيسون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 17 جنوريءَ کان ”پاڪ آءِ ڊي ويب سائٽ“ بند ڪئي پئي وڃي. گهرو وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير چيو ته 3 نوان ريجنل سينٽرز آزاد ڄمون ڪشمير، گوادر ۽ گلگت بلتستان ۾ قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته نادرا جي پاڪ آءِ ڊي ويب سائٽ بند ڪري سموريون خدمتون هاڻ موبائل ايپ تي فراهم ڪيون وينديون، ويب سائٽ جي استعمال ۾ شهرين خاص ڪري پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڏُکيائيون پيش اينديون هيون، جهڙوڪ آڱرين جي نشانن ۽ گهربل دستاويز اسڪين ڪري اپ لوڊ ڪرڻ ۾ پريشاني ٿيندي هئي. وفاقي وزير چيو ته جعلساز ڌُريون جعلي ويب سائٽ ذريعي سُڃاڻپ وارا دستاويز بڻائڻ ۾ معاونت جو ڪاروبار ڪري رهيون هيون، شهرين جي ذاتي ڄاڻ حاصل ڪري سندن غلط استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي. هن چيو ته انهن سرگرمين جي تدارڪ لاءِ 17 جنوريءَ کان ويب سائٽ بند ڪئي پئي وڃي. گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت جعلساز ڌُرين جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو آهي، نادرا ٻين ادارن سان گڏجي انهن ڌُرين خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻائي رهيو آهي. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته نادرا جي موبائل ايپ کي پهرين کان وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي. شناختي ڪارڊ، نائڪوپ، پي او سي، ب فارم، ايف آر سي سميت سموريون خدمتون موبائل ايپ تي دستياب آهن. هن چيو ته شهري هاڻ گهر ويٺي موبائل ايپ تي سُڃاڻپ دستاويز جون سموريون ڪارروايون مڪمل ڪري سگهن ٿا. گهرو وزير چيو ته نئين ريجنل آفيس 31 جنوريءَ کان ڪم شروع ڪري ڇڏيندي، انهن آفيسن جي قيام سان نادرا عملدارن ۽ شهرين وچ ۾ رابطي ۾ آساني ٿيندي. هن چيو ته ريجنل آفيسن جي قيام سان ڏورانهن علائقن جي نادرا مرڪزن ۾ خدمتن جي فراهمي بهتر ٿيندي، شهرين جا مسئلا تيزيءَ سان حل ۽ شڪايتن جو فوري ازالو ٿيندو. گهرو وزير چيو ته 31 مارچ تائين سڄي ملڪ جي تعلقن ۾ نادرا آفيسون قائم ڪرڻ جو هدف پورو ڪيو ويندو، هاڻ تائين سڄي ملڪ ۾ صرف 19 تعلقن ۾ نادرا آفيسن جو قيام باقي هو. ان سلسلي ۾ ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، 31 مارچ تائين انهن تعلقن ۾ به نادرا آفيسون فعال ٿي وينديون.