اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسپين ويندڙ ٻيڙي جي حادثي ۾ 40 کان وڌيڪ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ٻيڙي جي حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ حادثي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ موثر ۽ ڏورس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ فوت ٿيندڙن جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي پڻ دعا ڪئي.