گڏيل قومون-16 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي متبادل مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل خالد خيري سان ملاقات ڪئي. پاڪستاني مشن جي پريس رليز موجب ملاقات ۾ هن سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ وچ اوڀر، افغانستان ۽ ان ۾ گڏيل قومن جي ڪردار سميت ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گذريل هفتي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي متبادل مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي امن آپريشن بابت انڊر سيڪريٽري جنرل جين پيئر لاڪروڪس سان ملاقات ڪئي هئي.