گڏيل قومون -16 جنوري(اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر يمن تڪرار کي سفارتي ۽ سياسي طريقن سان حل ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته ان مسئلي جو واحد حل اهو ئي رستو آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب دوران چئي. هن چيو ته پاڪستان يمن جي سمورين ڌرين تي زور ڀريو آهي ته گڏيل اختلافن جي حل لاءِ سياسي ۽ ڳالهين واري عمل کي ترجيح ڏني وڃي. يمن جي صورتحال جي حوالي سان ڳالهين دوران هن چيو ته اسان خاص ڪري سعودي عرب ۽ اومان جي طعي ٿيل فريم ورڪ تحت ان تڪرار جي سياسي حل لاءِ گڏيل قومن ۽ ٻين ملڪن جي ڪوششن جي حمايت ڪيون ٿا. سفير منير اڪرم يمن ۾ ڊگهي تڪرار جي باري ۾ پاڪستان پنهنجي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان تڪرار گهڻ رخي بحران کي جنم ڏنو آهي جنهن ۾ اقتصادي تباهي، موسمياتي اثرن ۽ بدترين انساني هنگامي صورتحال شامل آهي. هن چيو ته يمن جو بحران جيڪو 2014 ع۾ حوثي باغين جن کي سرڪاري طور تي انصار الله جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي جي گادي واري شهر صنعا تي قبضي کان پوءِ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون. پاڪستاني سفير احمر سمنڊ ۾ واپاري ۽ سامونڊي جهازن تي حوثين جي حملن تي پڻ گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عالمي واپار، علائقائي استحڪام ۽ ماحوليات کي خطرو آهي. 15 رڪني سلامتي ڪائونسل هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو جنهن ۾ حوثي باغين جي احمر سمنڊ ۾ واپار ۽ واپاري جهازن تي سمورا حملا بند ڪرڻ واري مطالبي جي توثيق ڪندي صورتحال تي نظر رکڻ جو مطالبو ڪيو ويو. پاڪستان جي ان ٺهراءَ جي حمايت جي حق ۾ 12 ووٽ پيا جڏهن ته ٽي ميمبر غير حاضر رهيا ۽ مخالفت ۾ ڪو به ووٽ نه پيو. پنهنجي تبصري ۾ منير اڪرم ڊسمبر 2023ع ۾ امن ڳالهين ۾ ٿيل اڳڀرائي تي پاڪستان جي تعريف ڪئي جنهن جي ڪري ڌرين وچ ۾ جنگ بندي، اقتصادي بحالي، تيل جي ايڪسپورٽ ۽ ادائگين کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم معاهدا ٿيا. هن صنعا جي عالمي هوائي اڏي، احمر سمنڊ جي بندرگاهن ۽ پاور اسٽيشنن سميت يمن جي شهري بنيادي ڍانچي تي اسرائيلي هوائي حملن ۾ شهري فوتگين تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان عمل سان يمن جي سنگين انساني ۽ سياسي بحران ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن سبب انساني بحران ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سبب 4.5 ملين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. ان کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ مربوط عالمي رد عمل جي ضرورت آهي.پاڪستاني نمائندي عطيئو ڏيندڙ قوتن تي زور ڀريو ته اهي يمن لاءِ 2025ع ۾ انساني امدادي ريسپانس پلان ۾ پنهنجو حصو وڌائين.